ٽه هٽي تين هٽي

ٽه- هٽي/ تين هٽي: ڪراچي شهر جو هڪ علائقو، جتي خواجن جا ٽي دڪان هئا، جن مان هڪ مٺائيءَ جو، ٻيو کڙ بوسيءَ جو ۽ ٽيون سيڌي جو هو، انهن ٽنهي دڪانن جي ڪري اهو هنڌ ”ٽه-هٽيءَ“ جي نالي سان مشهور هو. هاڻي اهو ”تين هٽي“ سڏجي ٿو. شهر کي ان سان ڳنڍيندڙ هڪ پل تي پڻ اهو نالو پيل آهي، ”تين هٽي پل“.


هن صفحي کي شيئر ڪريو